فيول سبسڊي: 5000 گاڏين ۾ خاميون ظاهر: بنا پرمٽ گاڏين خلاف ڪارروائي جو حڪم

  فيول سبسڊي: 5000 گاڏين ۾ خاميون ظاهر: بنا پرمٽ گاڏين خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته فيول سبسڊي اسڪيم تحت هيستائين 3976 گاڏين جي پروسيسنگ ڪري 146.77 ملين رپيا ورهايا آهن، 5000 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ  جي غلطين، بينڪ اڪائونٽ ۾آءِ بي اي اين جي تفصيلن جي کوٽ ۽ ڊيٽا جي عدم مطابقت سبب نظرثاني ڪئي پئي وڃي. ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ وڏي وزير اختيارين کي هدايت ڪئي ته رقم جي ادائگي واري عمل کي تيز ڪيو وڃي، ڊيٽا جي درستگي ۽ انفورسمينٽ واري نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت هيستائين 11980 اهل گاڏين جي ڊيٽا جمع ڪرائي آهي. 3976 گاڏين جي پروسيسنگ مڪمل ڪري 146.77 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 5000 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جي غلطين، IBAN جي غلط تفصيلن ۽ ڊيٽا جي مسئلن سبب اهي ڪيس ٻيهر ڏٺا پيا وڃن. وزيرعليٰ سمورن کاتن کي هدايت ڪئي ته ڊيٽا جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ اهل ٽرانسپورٽرز کي بنا ڪنهن دير جي رليف ملي سگهي.  رليف اصل ٽرانسپورٽرز تائين پهچڻ گهرجي. نامڪمل يا غلط ڊيٽا سبب ٿيندڙ دير کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هن ٽرانسپورٽ ۽ ايڪسائيز کاتي کي هدايت ڪئي ته وفاقي اختيارين سان ويجهي رابطي ۾ رهي پينڊنگ ڪيسن کي حل ڪيو وڃي ۽ تصديق واري عمل کي آسان بڻايو وڃي. سيد مراد  شاهه روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ جي شرطن تي سختي سان عمل جو حڪم ڏيندي چيو ته رجسٽريشن ۾ موجود خالن ۽ ڪمزور انفورسمينٽ سبب ڪيتريون ئي گاڏيون غير قانوني طور تي هلي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته روٽ پرمٽ جي تصديق کانسواءِ ڪا به گاڏي رجسٽرڊ يا ٽرانسفر نه ڪئي وڃي، هن چيو ته ٽريفڪ پوليس ذريعي فيلڊ انفورسمينٽ کي تيز ڪري قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ گاڏين کي سخت سزا ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته قانون جي بالادستي هجڻ گهرجي، پرمٽ يا فٽنيس سرٽيفڪيٽ کانسواءِ هلندڙ گاڏيون برداشت نه ڪيون وينديون.