فيٽف کي پاڪستان مٿان پابندي لڳائڻ لاءِ خط لکندڙ غدار قرار، گرفتار ڪرڻ جو فيصلو

جُولاءِ 3, 2023

اسلام آباد (م ڊ) ملڪي ادارن خلاف فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس کي خط لکڻ تي وفاقي حڪومت طرفان ڏوهارين خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 اختيارين موجب ڏوهارين فيٽف، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ  کي ملڪي ادارن  خاص طور ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي خلاف خط لکيا هئا، جنهن ۾ پاڪستان تي پابنديون لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو

 ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه فارماسسٽس  طرفان عالمي مالياتي ادارن کي خط لکي الزام هنيا ويا هئا ته پاڪستاني ادارا مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن

 اختيارين جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ادارن کي اهڙي قسم جا خط لکڻ غداري جي زمري ۾ اچن ٿا، هي اهي ماڻهو آهن، جن تي پاڪستان ۾ جعلي دوائن  ۽ بليڪ ميلنگ جا ڪيس آهن

ذريعن موجب صحت کاتي جي اختيارين  ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي ۽ انٽيلجنس ايجنسيز  سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن انهن ماڻهن خلاف غداري جا ڪيس قائم ڪري سگهجن

Leave A Comment