تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

فيڊر ريل گاڏي جي عوام کي سهولت … منظور خاصخيلي

فيڊر ريل گاڏي جي نالي سان 1929ع کان 1991ع تائين جنڪشن پڊعيدن کان محرابپور ، هالاڻي، ڪنڊيارو، ٺاروشاهه، نوشهروفيروز، مٺياڻي، مورو، دولتپور، قاضي احمد، سڪرنڊ، هالا، ڀٽ شاھه ۽ ٽنڊوآدم تائين پسينجر ۽ مال گاڏي هلندڙ ” فيڍر ريل گاڏي هلندي هئي جڏهن ته فيڊر ريل گاڏي ۾ مال گاڏا به لڳل هوندا هئا ان زماني ۾ ڪو ئيٽا جو پٺاڻ نالي مير خان ڪاٺ جو واپار ڪندو هو ۽ اهو ڪاٺ فيڍر ريل گاڏي جي مال گاڏن ۾ مختلف اسٽيشنن کان ڀرائي ڪراچي ، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن ان فيڍر ريل گاڏي وسيلي موڪليو ويندو هو ۽ مال جا واپاري به هن ريل جي وسيلي جانور کڻي ويندا هئا جڏهن ته 1947ع دوران واڻيا به هن فيڍر ريل گاڏي وسيلي ٽنڊوآدم اسٽيشن تائين وڃي ڪري اتا وري ٻئي گاڏي سوار ٿي انڊيا جي باڊھه تي پهتا هئا جڏهن ته فيڊر ريل گاڏي مختلف اسٽيشنن کان ٿيندي هالاڻي تي ڪجهه مسافرن کي لاهيندي هئي ۽ ڪجهه مسافرن کي سوار ڪندي هئي ان وقت جو منظر به عجيب هوندو هو ڪي وڇڙيل جوڙا ملندا هئا ته سندن منهن مرڪي ۽ مهڪي پوندا هئا جڏهن ڪي وري جوڙا الوداع ڪرڻ ايندا هئا ته سندن منهن تي مايوسي ۽ اداسي ۾ سندن اکين مان ڳوڙهن جا نير لڙي پوندا هئا جيڪي فيڊر ريل گاڏي جي آسمان تي رقص ڪندڙ دونهين ۾ جذب ٿي اندر ۾ وڇوڙي جا گهاءُ آنڌ ۽ مانڌ وڌائي ڇڏيندا هئا ته هي وڇوڙو الائي ڪڏهن وري ختم ٿيندو وڇوڙن ۽ ميلاپ جي منظرن ۾ فيڊر ريل گاڏي ڪوڪو ڪندي ڇھه ڇهھ سھ سھ جي ردهم تي پٽڙي تي ڊڪندي ڊوڙيندي وڃي پنهنجي ماڳ پهچندي هئي مگر ڪن من اداس ته ڪن اندر مهڪائي ويندي هئي،
سرڪار فيڊر ريل گاڏي کي 1991ع ۾ بند ڪري ڇڏيو جنهن ڪري هن علائقي جي وڏي آبادي جيڪا هن فيڊر ريل گاڏي ۾ سوار ٿي سنڌ جي وڏي درگاه ڀٽ ڌڻي تي سندن من جون مرادون پوريون ٿيڻ جي سکان کڻي زيارت لاءِ ويندڙ هزارين پانڌيئڙن کي کڻي ويندي هئي جڏهن ته هي فيڍر ريل گاڏي آسمان ۾ ڪاري دونهين جون لاٽون اڇلائيندي دونهون ڪنهن ناچڻي وانگر آسمان ۾ رقص ڪندو ويندو هو جڏهن فيڊر ريل گاڏي ڪالوني رستي وٽ پهچي ڪوڪ ڪندي هئي ته ڄڻ ائين محسوس ٿيندو هو ته فيڊر ريل گاڏي ڦاٽڪ تان لهي ڪالوني وارو رستو وٺي هالاڻي شهر ڏي ڪاهي پئي آهي ڪجهه سالن کان پوءِ هن فيڊر ريل گاڏي کي ڀٽ شاهه طرف کان بند ڪري صرف پڊعيدن کان محرابپور تائين هلڻ شروع ٿي ان وقت هالاڻي کان پڊعيدن تائين هڪ روپيو ٽڪيٽ هوندي هئي 1992ع ۾ ڪنهن ته نڀاڳي نظر هنئين جو هي فيڊر ريل گاڏي ماڻهن کان منهڙو مٽائي وڃي پڊعيدن جي لوڪو شيڊ تي وڃي بيٺي ۽ ورهين جو وڇوڙو ڏئي وئي هن فيڊر ريل گاڏي جون اسٽيشنن ۽ ريل پٽڙي جي عوام اها حالت ڪري ڇڏي آهي ڄڻ هتي فيڊر ريل گاڏي هلندي ئي نه هئي ۽ ڪروڙن جي سرڪاري ملڪيت تي ماڻهن قبضا ڪري ورتا آهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *