| فيڪٽري ڌماڪي جو وڌيڪ هڪ زخمي فوت، انگ 10 ٿي ويو |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي لطيف آباد يونٽ نمبر 10 ۾ 3 ڏينهن اڳ ڦٽاڪن جي غيرقانوني فيڪٽري ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي. خبر موجب حيدرآباد جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد جي علائقي لطيف آباد يونٽ نمبر 10 ۾ 3 ڏينهن اڳ آتشبازي، ڦٽاڪا ٺًاهڻ جي غيرقانوني فيڪٽري ۾ ٿيل ڌماڪي دوران 9 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. ڪالهه هڪ وڌيڪ زخمي حيدرآباد سول اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فوتين جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف پوليس فيڪٽري جي ڀاڱيوار هڪ جوابدار شڪيل پرهياڙ کي گرفتار ڪري اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. جتي عدالت جوابدار کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف حيدرآباد ۾ پوليس غيرقانوني هلندڙ ڦٽاڪن جي دڪانن تي بندش لڳائي ڇڏي آهي.