فيڪٽ چيڪ: سيما حيدر آخر ڪير آهي؟ پاڪستاني يا ڀارتي ايجنٽ ؟

جُولاءِ 12, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ڪوٽڏيجي واسڻ سيما حيدر پب جي گيم تي رابطي بعد ڀارت پهچي پرڻو ڪري ڇڏيو آهي پر ان بعد سوشل ميڊيا تي هر روز نئون قصو سامهون اچي رهيو آهي

سيما حيدر کي پاڪستان وارا ڀارت جي ڳجهي ايجنسي را جي ايجنٽ قرار ڏئي رهيا آهن ته ڀارت وارا کيس پاڪستاني ڳجهي ايجنسي آءِ ايس آءِ جي ايجنٽ چئي رهيا آهن

سيما حيدر ڪنهن جي ايجنٽ آهي؟ اهو ثابت ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي پاڪستان ۽ ڀارت جي عورت فوجي آفيسرياڻين جون تصويرون به شيئر ڪيون ويون جن کي سيما سان منسوب ڪيو ويو

ڪيترن ئي ماڻهن پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته سيما پاڪستاني نه پر انڊين ايجنسي را جي ايجنٽ پريانڪا آهي، جيڪا 2013 ۾ پاڪستان ۾ دبئيءَ کان پنجاب جي شھر ملتان ۾ داخل ٿي، اتي پريانڪا پنهنجو نالو مٽائي سيما سڏايو

سيما جي ملاقات ھڪ پنجابي انور نالي سان ٿي انور دوکي سان ان جي ملاقات حيدر سان ڪرائي حيدر ۽ انور اسٽيشن تي گڏ مزدوري ڪندا ھئا، مطلب حيدر اتي ڪمائيندو ھو، پريانڪا پنهنجن مقصد ۾ ڪاميابي کان پوءِ واپسي اختيار ڪئي

اهڙين پوسٽن ۾ جيڪا عورت فوجي آفيسر جي تصوير شيئر ڪري سيما ڄاڻائي وئي آهي اصل ۾ اها پاڪ فوج جي عورت آفيسر ميجر سمعيه رحمان آهي، اها تصوير ڪانگو ۾ يو اين امن مشن ۾ خدمتن عيوض سرٽيفڪيٽ ملڻ وقت نڪتل آهي

اهڙي طرح ڀارت جي به عورت فوجي آفيسر جي جي تصوير  شيئر ڪري ڄاڻايو ويو ته اها سيما حيدر آهي پر حقيقت ۾ اها ڀارتي فوج ۾ ليفٽيننٽ جنرل آهي ۽ سندس نالو گنِيو لالجي آهي

سيما حيدر پاڻ چيو آهي ته آئون پاڪستان جي جاسوس ناهيان، سچن جي محبت ۾ گهران نڪري ڀارت پهتي آهيان، هاڻ انڊيا ۾ ئي رهڻ چاهيان ٿي، هتي خوش آهيان

 

Leave A Comment