ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)9مئي تي احتجاج دوران ساڙيل جهاز حقيقت ۾ ايف 16 هو جنهن کي پنجاب جي شهر ميانوالي ۾ بطور يادگار نصب ڪيو ويو هو
9مئي جي واقعن بعد مريم نواز سوڌو ڪيترن ئي ماڻهن سوشل ميڊيا تي تصوير شيئر ڪندي لکيو هو ته ميانوالي ۾ جهاز ساڙيو ويو آهي جيڪو پاڪستاني پائليٽ ۽ هيرو ايم ايم عالم جنگ دوران اڏايو هو پر اهڙي دعويٰ غلط آهي
جيو نيوز فيڪٽ موجب حقيقت اها آهي ته 9 مئي تي ساڙيل جهاز ميانوالي ۾ هڪ يادگار طور نصب ڪيو ويو هو جڏهن ته اسان جي جنگي هيرو ايم ايم عالم جي استعمال وارو اصل جهاز ڪراچي ۾ قائم پاڪستان ايئر فورس ميوزيم ۾ رکيو ويو آهي ميانوالي ۾ ساڙيل جهاز ايف 16 هو