فيڪٽ چيڪ: وائرل ٿيل وڊيو ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل ثمرت ڪمار جي ناهي

مَي 25, 2023

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) سوشل ميڊيا تي هڪ نينگر جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جيڪا ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل نينگر ثمرت ڪمار جي ڄاڻائي پئي وڃي

وڊيو ۾ نينگر جون ٻانهون پويان ٻڌل نظر اچن ٿيون ۽ هو ماني کائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو

دردناڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نينگر جا هٿن سان ماني کائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر وات تائين هٿ پهچڻ بدران ماني ڪري پئي ٿي ۽ هو هيٺ ٿي وات سان ماني کڻي ٿو

وڊيو ۾ نينگر ٻڌل هٿن سان ماني کائڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو

پر حقيقت اها آهي ته ڄاڻايل وڊيو نينگر ثمرت ڪمار جي ناهي ڪنهن ٻئي نينگر جي آهي ان حوالي سان ثمرت جي وارثن به تصديق ڪئي آهي

پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي نينگر ثمرت ڪمار جي والد اجيت ڪمار چيو ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ وڊيو منهنجي معصوم پٽ ثمرت جي ناهي

هن چيو ته اهڙيون وڊيو ثمرت جي نالي سان شيئر ڪري اسان کي وڌيڪ اذيتون ڏنيون پيون وڃن

Leave A Comment