| في ماڻهو قيمت 10 هزار کان هڪ لک ڊالر: آمريڪا گرين لينڊ خريدڻ جو فيصلو |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا گرين لينڊ کي خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فاڪس نيوز موجب هڪ رپورٽ سامهون آئي آهي ته 57 هزار فردن جي آبادي واري ملڪ گرين لينڊ کي آمريڪا پاران خريد ڪرڻ ۽ ان کي آمريڪا ۾ شامل ڪرڻ جو منصوبو سامهون آيو آهي. گرين لينڊ جي 57 هزار ماڻهن کي 10,000 کان 100,000 آمريڪي ڊالر جي سڌي ادائيگي تي غور ڪيو پيو وڃي. رپورٽ ۾ آمريڪي صدر جي مددگارن ۽ آفيسرن جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته گرين لينڊ وارن کي پئسا ڏيڻ جو مقصد انهن کي ڊينمارڪ کان الڳ ٿيڻ ۽ آمريڪا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ قائل ڪرڻ آهي.