| في ڊوائيس تي هڪ لک ڊپازٽ، بسپ وارا 4 لک رشوت وٺن ٿا، پولي، مظفر ۽ انور فرنٽ مين |
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۽ ٽنڊوالھيار ۾ غريب ۽ بيواھن عورتن جي پئسن ۾ ڪٽوتي جي الزام ھيٺ ھڪ ڄڻو گرفتار، اھم انڪشاف، خبر موجب ميرپورخاص ۽ ٽنڊو الھيار ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت غريب، بي پھچ ۽ بيواھ عورتن جي پئسن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ جي الزام ھيٺ رياستي اداري ھڪ اھم جوابدار دانش راجپوت کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جنھن پاران ڪٽوٽي جو اعتراف ڪندي اھم انڪشاف ڪيا ويا آھن. ھن اعتراف ڪندي چيو آھي تھ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وٽس فرنچائز آھي ۽ کيس 50 ڊوائسز مليون آھن، جن مان 25 کان 30 ڊوائيسز ھلايون پيون وڃن. ھن چيو تھ ھو في ڊوائس تي ھڪ لک رپيا ڊپازٽ وٺن ٿا، جڏھن تھ 2 کان 4 لک رپيا بينظير انڪم سپورٽ وارا رشوت وٺن ٿا. ھن وڌيڪ چيو تھ وقاص پولي، مظفر شاھ ۽ انور لُنڊ سندن فرنٽ مين آھي، جيڪي اڳيان ڊوائس ھولڊرز کان 5 ھزار کان 8 ھزار رپين تائين ڪٽوتي ڪرائين ٿا، جنھن مان کين 500 کان 800 رپيا في ڪارڊ جي حساب پئسا ملن ٿا. ھن چيو تھ سندن حدن ۾ 20 کان 25 ھزار مستحق عورتون شامل آھن. ھن الزام ھڻندي چيو تھ بي آءِ ايس پي ٽنڊوالھيار جو ڊپٽي ڊائريڪٽر عثمان مري، وقاص پولي نالي شخص معرفت ھر ڊوائيس واري کان 2 کان 3 لک رپيا وصول ڪري ٿو، جڏھن تھ ھڪ سول وفاقي اداري جو فرنٽ مين انور لُنڊ آھي، جيڪو کانئن پئسا وٺي اداري جي عملدارن کي ڏئي ٿو. ھن وڌيڪ چيو تھ کين سندن اداري پاران 2 ھزار کان اڍائي ھزار سمون ايڪٽو ڪرائڻ جو ٽارگيٽ ڏنو وڃي ٿو، جيڪي اسان انھن ڊوائس ھولڊر معرفت عورتن کي دوکو ڏئي ايڪٽو ڪريون ٿا، جيڪي بعد ۾ ڳري رقم کي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون ۽ اھي سمون بعد ۾ غير قانوني مقصدن لاءِ استعال ڪيون وڃن ٿيون.