رياض ( اسپورٽس نيوز) پرتگال جي اسٽار فٽبالر رونالڊو پاڻ کي سعودي جي ثقافت جي رنگن ۾ رنگي ڇڏيو آهي، هن جو چوڻ آهي ته اميد ڪريان ٿو ته ٻيا رانديگر به ايندڙ ايونٽ ۾ ٽيمون جوائن ڪندا
ميڊيا موجب ڪرسيٽانو رونالڊو هلندڙ سال سعودي جو النصر ڪلب جوائن ڪيو هو، معاهدي تحت ٻن سالن تائين ڪلب طرفان ميچون کيڏندو
هن جو چوڻ آهي ته سعودي ليگ ۾ تمام گهڻيون سٺيون ٽيمون آهن، مان هتي گهڻو خوش آهيان ۽ هتي ئي رهڻ گهران ٿو النصر ڪلب ۾ رهي سعودي ڪلچر ۾ رنگجي ويو آهيان
هن چيو ته يورپ ۾ صبح شام سکيا وٺندا هياسين پر هتي رمضان جي مهيني ۾ ٽريننگ 10 وڳي ٿيڻ شروع ۾ منهنجي لاءِ تعجب ڏياريندڙ هئي
رونالڊو چيو ته سعودي ۾ ليگ شروع ٿيڻ تي فٽبال جي ڪيترن ئي رانديگرنشامل ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري آهي، مان ته چوان ٿو ايندڙ ايونٽ ۾ بهترين رانديگر ڪلب جوائن ڪن