فٽبال ورلڊ ڪپ فائنل جون 4 ٽڪيٽون ڪروڙن ۾ پهچي ويون

فٽبال ورلڊ ڪپ فائنل جون 4 ٽڪيٽون ڪروڙن ۾ پهچي ويون

لاهور(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ فائنل جو مقابلو 19 جولائي تي ميٽ لائيف اسٽيڊيم ۾ ٿيندو. فيفا جي آفيشل ري سيل پليٽ فارم تي فائنل جي 4 ٽڪيٽن جي قيمت 1.7 ملين پائونڊ (ڪروڙين رپيا) تائين پهچي وئي آهي. جيتوڻيڪ فيفا پاڻ قيمت مقرر ناهي ڪندي، پر هر وڪري تي 15 سيڪڙو ڪميشن وٺندي آهي. سڀ کان سستي ٽڪيٽ به لڳ ڀڳ 8 هزار پائونڊز ۾ ملي رهي آهي.