فٽبال ورلڊ ڪپ لاءِ ڊراز جو اعلان، برازيل-مراڪش، جرمني-ايڪواڊور، بيلجيم-ايران جا گڏيل گروپ

فٽبال ورلڊ ڪپ لاءِ ڊراز جو اعلان، برازيل-مراڪش، جرمني-ايڪواڊور، بيلجيم-ايران جا گڏيل گروپ

واشنگٽن(اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ جي ڊراز جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ 48 ٽيمون 12 گروپن ۾ ورهايل آهن. هي ايونٽ ايندڙ سال آمريڪا، ڪيناڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ کيڏيو ويندو. گروپ ‘اي’ ۾ ميزبان ميڪسيڪو، ڏکڻ آفريڪا، ڏکڻ ڪوريا ۽ پلي آف ڊِي مان هڪ ڪواليفائر شامل هوندو. گروپ ‘بي’ ۾ ميزبان ڪيناڊا، قطر، سوئٽزرلينڊ ۽ يوئيفا پلي آف اي مان هڪ ٽيم ويلز يا اتر آئرلينڊ مان هوندي. گروپ ‘سي’ ۾ برازيل، مراڪش، اسڪاٽلينڊ ۽ هيٽي شامل آهن، جڏهن ته گروپ ‘ڊِي’ ۾ ميزبان آمريڪا، آسٽريليا، پيراگوئي ۽ يوئيفا پلي آف سي مان هڪ ڪواليفائر شامل هوندو. گروپ ‘اِي’ ۾ جرمني، ايڪواڊور، آئيوري ڪوسٽ ۽ ڪيوراڪائو شامل آهن، جڏهن ته گروپ ‘ايف’ ۾ هالينڊ، جاپان، تيونس ۽ يوئيفا ڪواليفائر بي مان هڪ ٽيم شامل هوندي. گروپ ‘جِي’ ۾ بيلجيم، ايران، مصر ۽ نيوزي لينڊ شامل آهن. گروپ ‘ايچ’ ۾ اسپين، سعودي عرب، يوراگوئي ۽ ڪيپ ورڊي شامل آهن. گروپ آئي ۾ فرانس، سينيگال، ناروي ۽ فيفا پلي آف 2 ڪواليفائر شامل هوندا، جڏهن ته گروپ جي ۾ دفاعي چيمپيئن ارجنٽائن، آسٽريا، الجيريا ۽ اردن شامل هوندا. گروپ ڪي ۾ پرتگال، ازبڪستان، ڪولمبيا ۽ فيفا ڪواليفائر 1 جي ٽيم شامل هوندي، جڏهن ته گروپ ايل ۾ انگلينڊ، ڪروشيا، پاناما ۽ گھانا شامل هوندا. فيفا ورلڊ ڪپ جي ڊرا جي تقريب آمريڪا ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ شرڪت ڪئي.