ف ليگ طرفان رابطا مهم، اڳواڻن جي شموليت جا امڪان، لانگ مارچ جو اعلان

ف ليگ طرفان رابطا مهم، اڳواڻن جي شموليت جا امڪان، لانگ مارچ جو اعلان

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل طرفان ملڪ جي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ اهم شخصيتن سان ملاقات کان پوءِ ايندڙ مڪاني توڙي عام چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ لاءِ سنڌ ۾ پارٽي کي مضبوط ۽ فعال بڻائي برک سياستدانن کي پارٽي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي مان رابطه مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ،پير پاڳاري جي فرزند ۽ فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ راشد شاهه راشدي، اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي، حسنين مرزا ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پير سائين پاڳاري جي هدايتن تي پارٽي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سنڌ اندر رابطا مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي، جنهن جي شروعات سنڌ جي سياسي ڳڙهه لاڙڪاڻي مان ڪئي وئي آهي، اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي فنڪشنل مسلم ليگ ۾ شموليت ڪئي آهي، ايندڙ ڪجھه ڏينهن اندر بدين مان پڻ ناليواري شخصيت اسان جي پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندي ۽ آهستي آهستي سنڌ جي هر ضلعي ۾ موجوده حڪومت کان بيزار عوام دوست سياستدان شموليتن جو سلسلو جاري ڪندا، جن جي ساٿ سان اسين قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رهي انقلاب آڻي سنڌ جي مظلوم عوام لاءِ جدوجهد ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي پارٽي طرفان نامزد ڪيل وزيراعظم پاڪستان محمد خان جوڻيجو جي دور حڪومت ۾ ملڪ اندر ڪا به ڪرپشن، منشيات، لاقانونيت نه هئي، هاڻي موجوده وقت ۾ سنڌ اندر ڪرپشن، منشيات ۽ لاقانونيت جي ڀرمار لڳي پئي آهي، نوجوان نسل نشي سبب تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ تعليم جي بجاءِ منشيات جو وڪرو سرعام ٿي رهيو آهي، ملڪ هڪ خطرناڪ موڙ طرف وڃي رهيو آهي، جنهن لاءِ اسان سڀني عوام دوستن کي گڏجي ملڪ کي بچائڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سان اسان جو اتحاد ٿيو آهي، باقي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هن کي سندس امڙ غنويٰ ڀٽو ۽ ڀيڻ فاطمه ڀٽو سان صلاح مشورا ڪرڻ پوندا،  هڪ سوال جي جواب ۾ راشد شاھ راشدي چيو ته ملڪ جو صدر ۽ صوبي جو گورنر هڪ گڏي جيان آهن، جن جي هٿ ۾ ڪجھ به ناهي هوندو، ف ليگ اڳواڻ راشد شاهه راشدي ڊسٽرڪٽ بار لاڙڪاڻو ۾ وڪيلن کي خطاب ۽ لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ وڪيلن جو اهم ڪردار رهيو آهي، پر وڪيلن کي پنهنجي طاقت جو مڪمل اندازو ناهي، وڪيلن سان تمام گهڻيون اميدون وابسته آهن، پير پاڳارا جي حڪم تي ڪرپشن خلاف لانگ مارچ ڪنداسين جنهن ۾ وڪيل به گڏ هوندا. هن وقت ڪراچي تي مافيا جو راڄ آهي ۽ اسان سنڌ ۾ انهن خلاف تحريڪ هلائينداسين. ملڪ جي بهتري لاءِ لاڙڪاڻي کان جدوجهد جي شروعات ڪئي آهي ۽ سنڌ جي هر ڪنڊ تائين وينداسين. معظم علي عباسي چيو ته هن وقت سنڌ ۾ خراب صورتحال آهي، سنڌ جي تباهي ۾ هن وقت جي مافيا جو هٿ آهي، سنڌ جي سڄي اپوزيشن کي هن مافيا خلاف هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري رهيا آهيون، سنڌ جي ڌرتي کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري ڇڏينداسين ۽ مافيا کي شڪست ڏينداسين. حسنين مرزا چيو ته آمريڪا ايران جنگ ۾ پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو ملڪ لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. 18 سالن جي حڪومتي دور ۾ پي پي لاڙڪاڻي کي صاف پاڻي فراهم نه ڪري سگهي آهي، سنڌ جي ماڻهن جي زندگي بدامني ۽ بدحالي سبب عذاب بڻجي وئي آهي، سياست صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ نه هجي  پر اڄ سياستدانن پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.