| قائداعظم نه هجي ها ته برٽش انڊيا ۾ ٽانگا هلايون ها: گورنر سنڌ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گورنر سنڌ نهال هاشمي چيو آهي ته مون کي مليل ڄاڻ موجب ته اسان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا 93 سيڪڙو ماڻهن کي پڪڙي وٺن ٿا، اسان جي پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪم ناهي ته ذخيره اندوزي خلاف ڪارروائي ڪن، اها اسان جي به ذميواري آهي ته ان خلاف ڪم ڪريون، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اولڊ بار روم ۾ خطاب ڪندي گورنر چيو ته جيڪڏهن قائد اعظم نه هجي ها، ته اڄ اسان برٽش انڊيا ۾ ٽانگو هلائي رهيا هجون ها، اسان کي انصاف لاءِ وڙهڻ گهرجي، هن چيو ته وڪيلن کي نظم و ضبط برقرار رکڻو پوندو، اڄ وڪيل برادري سنگين چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، گورنر چيو ته اسان اضافي رليف نٿا گهرون، پر فائيل منهن تي نه اڇلايو، فيصلا آئين ۽ قانون موجب ڪريو، حلف تحت ٿڌي دماغ سان فيصلا ڪرڻ گهرجن، هن چيو ته جنهن کي جڏهن اچڻو هجي اوهان گورنر هائوس اچي سگهو ٿا، چانهه به پي سگهو ٿا، مون کي پگهار نٿي ملي، منهنجي زال ڊاڪٽر آهي ۽ ٻار ڪمائي رهيا آهن، سنڌ ها۽ ڪورٽ بار جي صدر حسيب جمالي چيو ته سياست ۽ پيشي ۾ بيلنس برقرار رکڻ وڏو مشڪل ڪم آهي.