| قائد عوام ورسٽي جي فائنل ايئر جي شاگرد جو هاسٽل مان ڦاهوکاڌل لاش هٿ: امڙ بيهوش |
نوابشاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي فائنل ايئر جي شاگرد نادر چنا جو هاسٽل جي ڪمري مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو، جنهن کي پي ايم يو اسپتال آندو ويو، اسپتال ۾ نوجوان پٽ جولاش ڏسي امڙ بيهوش ٿي وئي، هوڏانهن شاگرد جي چاچي الله بخش چنا ٻڌايو ته نادرميٿاميٽڪس ڊپارٽمينٽ جو فائنل ايئر جو شاگرد هو، کيس ڪابه پريشاني نه هئي ۽ نه ئي ڪو گهرو مسئلو هو، هن چيو ته نادر هر آچر تي گهر ايندو هو، ٻئي طرف هاسٽل ۾ نادر سان گڏ رهندڙ سندس ڪلاس فيلو توقير ناگيرو ٻڌايو ته نادر جي گهران ڪالون آيون پر هن اٽينڊ نه ڪيون، نادر روزا به رکندو هو، ڪالهه هن روزو نه رکيو، اسان سان ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ به گڏ نه هليو، ڪلاس دوران نادر جي مائٽن رابطو ڪري چيو ته اسين يونيورسٽي آيل آهيون، نادر جو فون بند آهي، توھان اسان سان گڏ هاسٽل هلو، ھن چيو ته آئون وارثن سان گڏهاسٽل پهتس، ڪمري جو دروازو اندران بند هو، اسان دري ٽوڙي اندر داخل ٿياسين، جتي نادر جو لاش پکي ۾ لٽڪيل هو، هوڏانهن نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد شاھپور جهانيان ڀرسان اباڻي ڳوٺ ننگر مڪان نيو ويو، ٻئي پاسي ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير نور چنا چيو ته شروعاتي جاچ مان لڳي رھيو آھي ته خودڪشي آھي، جڏهن ته قائد عوام يونيورسٽي جي چيف سيڪيورٽي آفيسر عطا چانڊيو ٻڌايو ته چيو ته نادر جو ڪو گھرو مسئلو ھو، ھن پنھنجن مائٽن کي به ڪال ڪئي ھئي، اهي گذريل رات کان پهتل ھئا پر سندس جان بچائي نه سگهيا