قائد عوام ورسٽي عالمي ٽائيمز رينڪنگز ۾ شامل

قائد عوام ورسٽي عالمي ٽائيمز رينڪنگز ۾ شامل

نوابشاھه (بيورو رپورٽ) قائد عوام انجنيئرنگ ورسٽي ٽائيمز هائر ايجوڪيشن سسٽينيبلٽي امپيڪٽ رينڪنگز 2026ع ۾ شامل ٿي اعزاز ماڻي ورتو،مادرعلمي ايس ڊي جي 4 ۾ عالمي سطح تي 101 ۽ 200 رينڪنگ بينڊ حاصل ڪري دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ پنهنجو نالو شامل ڪرائي ڇڏيو آھي  شاندار ڪارڪردگي جي بنياد تي قائد عوام ورسٽي کي سنڌ جي انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ پهرين، سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۾ ٻي ۽ ۽ پاڪستان جي اهم بينچ مارڪ يونيورسٽين ۾ ٽاپ پنجن ۾ شامل ٿيڻ جو اعزاز ملي ويو، ان ڏس ۾ قائد عوام ورسٽي جي  وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون ٻڌايو ته قائد عوام يونيورسٽي جي معياري تعليم، اعليٰ تحقيق، جدت، سماجي ذميواري ۽ پائيدار ترقي کي مڃتا ملي آهي