قائم علي شاهه، شيما ڪرماڻي، سراج ميمڻ سوڌو 696 شخصيتن لاءِ اعزاز

آگسٽ 15, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان جي آزادي جي ڏينهن تي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪاڪردگي ڏيکاريندڙ 696 شخصيتن کي قومي سول ايوارڊ سان نوازڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جن ۾ 2019ع ۾ ڪورونا وبا دوران صحت شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي جان جي قرباني ڏيندڙ 299 شخصيتن کي به تمغه امتياز سان نوازيو ويندو

تفصيل موجب صدر پاڪستان جشن آزادي جي موقعي تي سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهي سول ايوارڊ 23 مارچ 2024ع يوم پاڪستان تي ڏنا ويندا

”پنهنجي اخبار“ وٽ موجود سول ايوارڊن تي ٻڌل لسٽ مطابق حڪومت طرفان ڏنا ويندڙ ايوارڊن ۾ 5 نشان امتياز، 2 هلال پاڪستان، 17 هلال امتياز، 4 هلال قائد اعظم، هڪ ستاره پاڪستان، 18 ستاره شجاعت، 51 ستاره امتياز، 54 پرائيڊ آف پرفارمنس، 3 ستاره قائد اعظم، 4 ستاره خدمت، 22 تمغه شجاعت، 118 تمغه امتياز ۽ 4 تمغه الخدمت شامل آهن

حڪومت طرفان نشان امتياز لاءِ مشهور شاعر افتخار عارف، هاڪي جي مشهور رانديگر اصلاح الدين صديقي ۽ پبلڪ سروس مان سيد قائم علي شاهه، راجا ظفر الحق ۽ ڊاڪٽر شمشاد اختر، ايئر مارشل (ر) نجيب اختر کي عوامي خدمت ڪرڻ تي نشان امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

 ان کانسواءِ پاڪستان جي لاءِ خدمتن تي شهزاده سلمان بن خالد بن عبدالعزيز ۽ نائب چيني وزيراعظم هي لائفنگ کي هلال پاڪستان جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي

هلال امتياز حاصل ڪندڙن ۾ ادب جي شعبي مان پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙ مشهور شاعر انور مسعود، سائنس جي ميدان ۾ خدمتون ڏيندڙ پروفيسر ڊاڪٽر شاهد محمود بيگ، تعليم جي شعبي سان تعلق رکندڙ پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد، فن ۽ ثقافت جي شعبي ۾ راحت علي خان شامل آهن

مذهبي مامرن جو اڳوڻو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور مرحوم، محمد احمد شاهه، محمود احمد طاهر، پروفيسر ڊاڪٽر محمد عمر، پروفيسر ڊاڪٽر اقرار احمد، زاهد ملڪ، حاجي حنيف طيب، ڊاڪٽر امجد ثاقب، احمد عرفان، طارق فاطمي کي به ايورڊ ڏنا ويندا

طارق باجوا، طارق محمود پاشا، راجا نعيم اڪبر، رياض الدين شيخ، ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد اڪرم خان، برگيڊيئر عاطف رفيق شامل آهن

هلال قائد اعظم سول اعزاز لاءِ مسٽر لوورزائو هوئي، مسٽر ننگ جيزي، مسٽر نونگ رونگ، مسٽر شازوڪانگ شامل آهن،  سول اعزاز ستاره پاڪستان لاءِ انجنيئر طلال بن عبدالله العتيبي کي نامزد ڪيو ويو آهي

سول اعزاز ستاره امتياز جي لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ کي سائنس جي شعبي ۾، ڊاڪٽر جمشيد اقبال، پروفيسر ڊاڪٽر جهان بخت، ڊاڪٽر عابد محمود، نائله ڪياني، اداڪاره شبنم، انساني خدمتن تي عزيز ميمڻ، عوامي خدمتن  تي عبدالقدوس بزنجو، ڪليم امام، شير باز خان، سرور گوندل، عارف حبيب، صحافي سليم بخاري، ڊاڪٽر محمود اياز، شمع حفيظ، ڊاڪٽر ذوالفقار احمد ڀٽه، پروفيسر ڊاڪٽر سهيل نديم، پروفيسر محمد فاروق حسن، جاويد بشير احمد، فاخر محمود، سرمد سلطان، بلال لاشاري، مليڪه جنيد ۽ ٻيا شامل آهن

پرائيڊ آف پرفارمنس جي صدارتي ايواڊ لاءِ به مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جن ۾ غلام عباس عرف عباس تابش، مشهور صحافي سهيل وڙائچ، ڊاڪٽر محمد افضل، پروفيسر ڊاڪٽر فيصل شفاعت، ڊاڪٽر بشريٰ مرزا، پروفيسر بلقيس شبير، ڊاڪٽر عمر شهباز، ڊاڪٽر ڪاشف ڪفايت، ڊاڪٽر نويد ارشد، ڊاڪٽر امجد محبوب، محمد خليل (مرحوم)، محمد رياض، شاڪر بي بي، شازيه منظور، مائي ڏاهي، مرحوم عنايت ڀٽي، همايون خان، ذولفقار علي، عجب گل، عشرت عباس، عبدالجبار گل، قادر بخش مٺو، زبيده (نغمه)، شيما ڪرماڻي، نصير بيگ مرزا، محبوب علي، حسن عسڪري، سلمان غني ۽ ٻيا شامل آهن

تمغه امتياز جي لاءِ مختلف شعبن مان نامزد ٿيلن ۾ ڊاڪٽر جاويد شيخ، اينڪر پرسن غريده فاروقي، سينيئر صحافي وقار ستي، فاروق عادل، سليم بخاري، فهد حسين، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسد الله خالد، ڊاڪٽر محمد العربي، عبدالواسع چوڌري، احمد عطاءُ الله، ڪارڊيالاجسٽ ڊاڪٽر نديم قمر، سجل علي، استاد رستم فتح علي خان، ارباب خان کوسو، غلام عباس خاصخيلي، مشتاق علي لاشاري، خان شاهنواز مليح، اي ايس رند، مصباح الدين قاضي، عقيل عباس جعفري، علي دوست عاجز، ڊاڪٽر مشتاق علي لغاري، غلام قادر بوزدار، صحافي شمع جوڻيجو، افتخار احمد، مولانا خبير آزاد، فضل ڪريم دادابائي، مرلي ڏهر، مفتي منيب الرحمان، نصر الله خان ناصر سميت 118 شخصيتون شامل آهن

 ان کانسواءِ  تمغه الخدمت جي لاءِ عزيزه شمسي قدوائي، عرفان صديقي، ڪرامت الله چوڌري، پروفيسر امجد شاد ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته ڪورونا وبا دوران خدمتون ڏيندي خدمتون ارپيندڙ 299 ڄڻن کي به تمغه امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

Leave A Comment