اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي ڀاڻيجي شهزاد شاهه جيلاني پاران پيپلزپارٽي ڇڏي نون ليگ ۾ شموليت جو اعلان
ڊسمبر 11, 2023
اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي ڀاڻيجي شهزاد شاهه جيلاني پاران پيپلزپارٽي ڇڏي نون ليگ ۾ شموليت جو اعلان، شهزاد شاهه جيلاني نواز شريف سان ملاقات بعد نون ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ڪراچي ۾ بشير ميمڻ ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد شاهه جيلاني چيو ته ملڪي بحرانن کي رڳو نوازشريف ئي حل ڪري سگهي ٿو، بشير ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آهي، هن وقت سنڌ جي صورتحال رحم جوڳي آهي، سنڌ جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ اسان سمورين ڌرين وٽ وينداسين