| قابض ذهنيت دراني افغانستان وڃي صوبو ٺاهي: عوامي تحريڪ |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، نور نبي پليجو ۽ ايڊووڪيٽ آصف کوسو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته محمد علي دراني جي ابن ڏاڏن ارغونن ۽ ترخانن کي به سنڌين پنهنجي وطن مان تڙي ڪڍيو هو، سنڌ جي وحدت تي وار ڪندڙ ارغونن جي اولاد کي سنڌي قوم ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي. محمد علي دراني جي قابض ذهنيت آهي، کيس صوبو کپي ته پنهنجي اباڻي ڳوٺ افغانستان هليو وڃي، سنڌي قوم ڪنهن جي ڌمڪي کان خوفزدہ نه ٿيندي. بلڪه پنهنجي وطن جي دفاع لاءِ پر امن جمهوري جدوجهد جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. هنن چيو ته جيئن وڇ ڪلي آهر ڪڏندي آهي تيئن فواد چوڌري به اسٽيبلشمينٽ جي ڪلي تي ڪڏي رهيو آهي. اسٽيبلشمينٽ جي ڏڍ تي فواد چوڌري جهڙو لوٽو ۽ گيدي به سنڌي قوم کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي اسين کيس ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌي قوم جنرل ضياء، ايوب ۽ مشرف جهڙن جابرن جو مقابلو ڪيو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته نون صوبن جي نالي تي سنڌ جي وحدت تي وار ڪيو پيو وڃي. هر موڙ تي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي