قاتل، ڌاڙيل، چور بڻجي ويا مصور ۽ چترڪار

قاتل، ڌاڙيل، چور بڻجي ويا مصور ۽ چترڪار

جوهانسبرگ(انٽريسٽنگ نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي سڀ کان وڏي شهر جوهانسبرگ ۾ ليوڪوپ اصلاحي سهولت (جيل) ۾ آرٽ گيلري ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي، جتي قيدين پاران ٺاهيل آرٽ ورڪ عوام لاءِ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. هي شروعات اصلاح کاتي جي بحالي پروگرام جو حصو آهي، جنهن جو مقصد قيدين کي فنڪارانه صلاحيتون سيکارڻ، روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ آزاد ٿيڻ کان پوءِ انهن کي بهتر زندگي گذارڻ جي قابل بڻائڻ آهي. 2023ع کان وٺي، ملڪ جي جيلن ۾ نو آرٽس ۽ ڪرافٽس گيلريون قائم ڪيون ويون آهن. ليوڪوپ جيل انتظاميا 34 قيدين پاران آرٽ ورڪ جي نمائش ڪئي آهي، جيڪا ثقافت، يادن ۽ ذاتي تبديلي جي عڪاسي ڪري ٿي. قيدي هڪ ٻئي جي آرٽ ورڪ کي به ڏسي سگهن ٿا، جيڪو انهن کي حوصلا افزائي ۽ مثبت نقطه نظر ڏئي ٿو. 51 سالن جي قيدي فريڊي مونگڪوائي (جيڪو قتل جي الزام ۾ 12 سالن جي سزا ڀوڳي رهيو آهي) چيو ته آرٽ سندس ذهن جي حالت بدلائي ڇڏي آهي. مصوري ۽ مجسمي سازي کيس امن، ڌيان ۽ اميد ڏني آهي، جنهن هن کي پنهنجي زندگي کي نئين روشني ۾ ڏسڻ تي مجبور ڪيو آهي. فريڊي جي تازي تخليق فيفا ورلڊ ڪپ ٽرافي جي ڪاپي آهي.