| “قاتل گرفتار ڪريو” ڪرمپور ڀرسان پيءُ ۽ پٽ جا لاش رکي ڌرڻو: روڊ بلاڪ |
ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف قتل ٿي ويل پيءُ ۽ پٽ جا لاش رکي وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، ٻه ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري نورحسن چولياڻي ۽ سندس پٽ نائب چولياڻي مارجي ويا هئا، پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي، مقتولن جي وارثن سرور چولياڻي ۽ ميرحسن جي اڳواڻي ۾ چيزل آباد لاڙو وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته ٻٽي قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، مقتول نورحسن چولياڻي جي پٽ ميرحسن چولياڻي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي هٿياربندن ناحق ۾ منهنجي والد ۽ ڀاءُ کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ٻن ڏينهن ۾ جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ خاطري ڪرائي، جنهن بعد اڳواڻن ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.