قادرپور مان اغوا ڪيل 2 مغوي بازياب نه ٿيا، پوليس ۽ ڀٽا برادري ڪچي ۾ لٿل

مَي 27, 2025

قادرپور(ن پ ا)قادرپور مان  گذريل رات اغوا ٿي ويل ڳوٺاڻا محمد قاسم ۽ مراد ڀٽو بازياب نه ٿي سگهيا،  پوليس ۽ ڀٽا برادري جا ماڻهو ڪچي واري علائقي ۾ لٿل آهن،  مغوي جي وارثن ڄام ابوبڪر ڀٽو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن کان وٺي اسان جي نوجوانن کي اغوا ڪيو ويوآهي،   گهرن ۾ سوڳ واري صورتحال آهي، بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، هر روز رات جو مينهون، ڳئون. بندوق جي زور تي هٿياربند گهرن ۾ گهري ڪاهي وڃن ٿا، موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ، دڪانن تان ڀتو وٺڻ ۽  ڌمڪائڻ جو سلسلو جاري آهي، گهوٽڪي پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين کان مغوين جي بازيابي جي گهر ڪندي ضلعي ۾ امن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي .

لاڳاپيل پوسٽون

  • خيرپورناٿن ۾گوليون هڻي اڌڙوٽ قتل

  • سکر ۾ نوجوان ناري گوليون هڻي قتل

  • تل ابيب ۾ آمريڪي سفارتخانو بند

  • پاڪستان جو فلائيٽ آپريشن کي متاثر