قادرپور ڀرسان 3 ڳوٺاڻا اغوا،پوليس حد بندي جو تڪرار ڄاڻائي مدد ڪرڻ کان انڪار
جُولاءِ 1, 2025
قادرپور ( پنهنجي ڊيسڪ ) قادر پور ڀرسان ٽي ڄڻا مبينا طور اغوا، وارثن جو احتجاج، قادرپور جي ڳوٺ جمعو سنگهڙ واسي ڳوٺاڻو سمندر عرف حفيظ، شبير ۽ ذشان سنگھڙ مبينا طور تي اغوا ٿي ويا مغُوين جي وارثن جو چوڻ هو ته ٽئي ڄڻا ڪچوٻنڊي ٿاڻي جي حدمان خيري ڳوٺ مان اغوا ٿي ويا آھن، مغوين جي وارثن موجب ٽئي ڄڻاگھنڃيا پل واري علائقي مان تتر وٺڻ لاءِ ويا هئا، وارثن مطابق واقعي جو اطلاع قادرپور پوليس کي ڏنو آهي پر پوليس حد بندي ڄاڻائي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هنن واقعي خلاف احتجاج ڪندي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي کان فوري طور تي مغوين جي بازيابي جي گهر ڪئي آهي.