قادر مگسي جو والد جيئندمگسي لاڏاڻو ڪري ويو:3 ڏينهن سوڳ
مَي 16, 2023
حيدرآباد( بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جو والد جئيند مگسي وفات ڪري ويو ايس ٽي پي پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي، تفصيل موجب ايس ٽي پي چئيرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جو والد جئيند مگسي ڪجهه عرصو دل جي عارضي ۾ مبتلا رهڻ بعد 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ايس ٽي پي جي ترجمان موجب ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي والد جيئند مگسي جي جنازي نماز اڄ شام 7 وڳي ٺٽو شهر ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد سندس تدفين مڪلي جي درگاهه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ڀرسان ڪئي ويندي. ترقي پسند پارٽي جي سربراهه جي والد جي لاڏاڻي تي ڪارڪنن ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي جڏهن ايس ٽي پي پاران 3 ڏينهن سوڳ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڊاڪٽر قادر مگسي جي روپوشي واري وقت ۾ سندس والد جئيند مگسي ڪافي عرصو جيلن ۾ رهيو. ٻئي طرف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو ، گلزار سومرو حيدر ملاح ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، عاشق سولنگي ،قادر چنا ،امتياز سمون ،نثار ڪيريو ۽ مرڪزي قيادت پاران ڏک جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته چاچا جئيند مگسي قومي تحريڪ ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي نه فقط حوصلا افزائي ڪندو رهيو پر هن رياستي دٻاءُ باوجود جھڪيو ڪونه ۽ ڪيترائي ڀيرا جيل پڻ ويو