قازقستان اسرائيل کي تسليم ڪري ورتو، ايران تي اسرائيلي حملي جو انچارج آئون هيس: ٽرمپ

  قازقستان اسرائيل کي تسليم ڪري ورتو، ايران تي اسرائيلي حملي جو انچارج آئون هيس: ٽرمپ

واشنگٽن(م ڊ) هڪ ٻئي مسلمان ملڪ اسرائيل کي تسليم ڪري ورتو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته قازقستان باضابطا طور تي ابراهيمي معاهدي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. اِهو اعلان وائٽ هائوس ۾ وچ ايشيائي ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڪيو ويو، ان موقعي تي قازقستان جو صدر پڻ موجود هو. آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته قازقستان سندس ٻي صدارتي مدي دوران ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿيندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي. صدر ٽرمپ قازقستان کي شاندار ملڪ ۽ باصلاحيت قيادت رکندڙ قوم قرار ڏيندي چيو ته اِهو فيصلو دنيا ۾ امن، سهڪار ۽ خوشحالي جي واڌاري ڏانهن هڪ اهم وک آهي. هن وڌيڪ چيو ته جلد ئي اسان ٻين ملڪن کي ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿيندي ڏسنداسين، جيڪو وچ اوڀر ۾ پائيدار امن آڻيندو. ياد رهي ته ابراهيمي معاهدو 2020ع ۾ ٽرمپ جي پهرئين صدارتي دور ۾ طئي ٿيو هو، جنهن تحت اسرائيل گڏيل عرب امارتن، بحرين، مراڪش ۽ سوڊان سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا هئا. ان موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انڪشاف ڪيو ته جڏهن اسرائيل ايران تي حملو ڪيو ته مان مڪمل طور تي ان جو انچارج هوس. اسرائيل پهريون حملو ڪيو، اهو حملو تمام طاقتور هو، مان ان جو مڪمل طور تي انچارج هوس، ان حملي ايران جي ايٽمي پروگرام کي سخت نقصان پهچايو. هن وڌيڪ چيو ته ايران پڇي رهيو آهي ته ڇا آمريڪي پابنديون هٽائي سگهجن ٿيون، اسان ايران سان هڪ نئون معاهدو چاهيون ٿا، پر هن وقت ڳالهيون رڪجي ويون آهن.