| قاسم آباد مان مبينا اغوا نينگري جو پتو نه پيو: ڀينرن جو روئي احتجاج |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد مان 2 ڏينهن اڳ مبينا غوا ٿي ويل گل وڪرو ڪندڙ نينگري جو پتو نه پيو، پوليس تحرڪ نه ورتو،وارثن جو احتجاج، حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد واڌو واھ لڳ مبينا اغوا ٿي ويل گل وڪرو ڪندڙ نينگري جي وارثن شمع باگڙي،نصيبو باگڙي ۽ سيتا باگڙي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن چيو ته 2 ڏينهن اڳ سندن 12 ورهين جي ڀيڻ پوجا کي مبينا طور رڪشي سوار 2 ڄڻا اغوا ڪري ويا آهن، هنن چيو ته موقعي تي ڀيڻ نظر نه اچڻ تي شڪي رڪشي سوارن کان ڀيڻ جو پڇيوسين ته انهن ڪجھه به ٻڌائڻ کانسواءِ هڪ ڀيڻ کي دڪو ڏنو ۽ مارڪٽ ڪري رڪشي سوڌو فرار ٿي ويا، جنهن کانپوءِ ڀيڻ جو ڪو به پتو نه پيو آهي، هنن چيو ته حد جي ٿاڻي تي دانهڻ باوجود پوليس ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن چيو واقعي واري هنڌ تي دڪانن ۽ گهرن تي ڪيمرائون لڳل آهن پر پوليس 2 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪا به جاچ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن روئيندي چيو ته اسان 7يتيم ڀينرون آهيون، محنت مزودري ڪري پيٽ گذرسفر ڪنديون آهيون، هنن چيو ته اسان جي ڀيڻ کي زبردستي اغوا ڪيو ويو آهي اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي اسان جي ڀيڻ کي بازياب ڪرائين.