| قاسم آباد ۾ گهر کي خوفناڪ باهه، روزو رکي سمهندڙ عورت پٽ ۽ ڌي سميت سڙي فوت |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قاسم آباد ٿاڻي جي حد علي پيلس ويجھو قاسم آباد فيز ون جي بلاڪ سي ۾ واقع ھڪ گھر نمبر 183 کي ڪالهھ سحري جي وقت کانپوء اوچتو باھ لڳي وئي، باھ سموري گھر کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. جنھن جي نتيجي ۾ روزو رکي گھر جي ڪمري ۾ آرام ڪندڙ 50 سالا ماء مريم زال نديم صديقي، سندس 22 سالن جي ڌي عيفہ ۽ 18 سالن جو پٽ شافع نديم دونھين م ٻوساٽجي باھ ۾ سڙي فوت ٿي ويا. جڏھن تہ گھر ڌڻي نديم صديقي باھ لڳڻ دوران گھر کان ٻاھر نڪري پنھنجي جان بچائي ورتي. واقعي جو اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم، پوليس، ايڌي رضاڪار ۽ مقامي ماڻھو واقعي واري هنڌ پهچي ويا. ريسڪيو عملي باھ تي ضابطو آڻي گھر اندر سرچ آپريشن ڪيو. جنھن دوران گھر جي ھڪ ڪمري مان سڙي فوت ٿي ويلن مسمات مريم زال نديم صديقي، سندس پٽ شافع نديم ۽ ڌي عيفہ نديم صديقي جا سڙيل لاش مليا. جيڪي کڻائي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيا ويا. جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. متاثر گھر ڌڻي نديم صديقي مقامي بلڊر ۽ اسٽيٽ ايجنسي جو ڪم ڪندو آھي.