قاسم سوري خلاف ڇو نه سنگين غداري جي ڪارروائي ڪئي وڃي: چيف جسٽس

جنوري 23, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ملڪ ۾ آئيني بحران جو سبب بڻيو، ڇو نه قاسم سوري خلاف آئين جي ڀڃڪڙيءَ جي ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، عدالت قاسم سوري کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ۾ چيو ته قاسم سوري ملڪ ۾ آئيني بحران جو سبب بڻيو، قاسم سوري اسٽي آرڊر کڻي قومي اسيمبلي جو سمورو مدو انجواءِ ڪيو، هاڻي چوي ٿو ته اسيمبلي جو مدو ختم ٿيڻ سان ڪيس اڻ اثرائتو ٿي ويو

هن چيو ته اسٽي آرڊر وٺڻ کانپوءِ ڪيس ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ئي نه ڪرڻ ڏنو ويو، سپريم ڪورٽ جي اندروني سسٽم سان هيراڦيري ڪئي وئي

سندس چوڻ هو ته فيصلي ۾ آرٽيڪل 6 تحت سنگين غداري جي ڪارروائي جي تجويز ڏني وئي، ڇو نه قاسم سوري خلاف سنگين غداري جي ڪارروائي ڪئي وڃي

چيف جسٽس چيو ته جنهن به آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اُن کي نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو، قاسم سوري غيرقانوني طور اسيمبلي ٽوڙي، اُن وقت به هُو اسٽي تي هو

وڪيل نعيم بخاري آگاهه ڪيو ته قاسم سوري جو ڪيس ٻين ڪيسن سان گڏ گڏائي ڇڏيو هو، چيف جسٽس ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته ڪهڙو ڪيس لڳي ٿو ۽ ڪهڙو ڪيس نه ٿو لڳي، سپريم ڪورٽ ۾ پهچندڙ ڊگها هٿ ختم ڪري رهيا آهيون، خبر آهي ته ڪيس ڪيئن گڏ ڪرايا ويندا آهن

چيف جسٽس چيو ته بس! هاڻي وڌيڪ سپريم ڪورٽ جي سازباز نه ٿيندي، ڪڏهن اسٽيبلشمينٽ اچي ويندي آهي، ته ڪڏهن ڪو ٻيو، هاڻي اهو سلسلو نه هلندو

قاسم سوري جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته توهان سسٽم يا مون سان خفا آهيو؟ چيف جسٽس چيو ته توهان سان نه، سسٽم سان خفا آهيون، اسان اعتراف ڪريون ٿا ته سپريم ڪورٽ اندر هيراڦيري ٿيندي رهي

قاضي فائز  چيو ته قاسم سوري به غلطي مڃي، توهان به مڃو ته هيراڦيري ڪندا رهيا، توهان سپريم ڪورٽ کان اسٽي گهريو ته ڏنو ويو، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ استعمال ٿي رهي هئي ته اسان اِن غلطي جي تصحيح ڪرڻ گهرون ٿا

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪجهه غلط ٿيو هو ته 2018ع جون سموريون چونڊون به ڪڍي ڏسنداسين، اهو نٿو ٿي سگهي ته عهدو انجواءِ ڪيو ۽ هليا ويا، پنهنجي به انڪوائري ڪنداسين ته ايترو عرصو ڪيس مقرر نه ٿيو

سپريم ڪورٽ قاسم سوري جو ڪيس مقرر نه ٿيڻ ۽ اسٽي برقرار رهڻ تي رجسٽرار کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ٽن هفتن اندر رپورٽ طلب ڪئي وئي جڏهن ته قاسم سوري جي حريف لشڪري رئيساڻي کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا

Leave A Comment