قاضي احمد باءِ پاس تي ٻيهر ٽول پلازا شروع ڪرڻ خلاف ڌرڻو: ڪيمپ پٽ: 2 گرفتار  

قاضي احمد باءِ پاس تي ٻيهر ٽول پلازا شروع ڪرڻ خلاف ڌرڻو: ڪيمپ پٽ: 2 گرفتار  

قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد باءِ پاس تي ٻيهر ٽول پلازا شروع  ڪرڻ خلاف ڌرڻو: ڪيمپ پٽ: 2 گرفتار، قاضي احمد باءِ پاس تي ٻيهر ٽول پلازا شروع  ڪرڻ خلاف قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ آروز سنڌي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، جنهن سبب ٻنھي طرفن کان ايندڙ ويندڙ  گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي آرزو سنڌي، آڪاش لاکو، ايس ٽي پي اڳواڻ قربان مهر، نور الدين قادري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قاضي احمد ۾ غيرقانوني طور تي ٻيهر ٽول پلازا لڳايو پيو وڃي، جيڪو اڳ ۾ شهرين جي سخت احتجاج بعد ختم ڪيو وي هو،  هنن چيو ته  ٽول پلازا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي  جيستائين  ٽول پلازا ختم نه ڪيو ويندو، ڌرڻو جاري رهندو. هوڏانهن ڌرڻو هڻي ويٺلن سان قاضي احمد پوليس ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ڌرڻي ختم ڪرڻ کان انڪار تي پوليس ٽينٽ اکيڙي سامان کڻي  پي ٽي آء  اڳواڻ نورالدين قادري ماڃوٺو ۽ سماجي ڪارڪن آڪاش لاکو کي گرفتار ڪري ورتو، بعد ۾  ڪامريڊ آروز سنڌي کي ڳالھين لاء اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس پھچايو ويو، ڳالھين بعد نورالدين قادري ۽ آڪاش لاکو کي آزاد ڪيو ويو