قاضي احمد جا پهلوان سومو مقابلن ۾ شرڪت لاءِ جاپان پهچي ويا

قاضي احمد جا پهلوان سومو مقابلن ۾ شرڪت لاءِ جاپان پهچي ويا

قاضي احمد (ن پ ا) سنڌ جي ضلعي نوابشاهه جي علائقي قاضي احمد سان تعلق رکندڙ ناميارن ملھ پهلوانن قربان هوٿيپوٽو ۽ منٺار بگٽي عالمي سطح تي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ جاپان جي شهر اوساڪا ۾ جاري سومو مقابلن ۾ شرڪت لاءِ پهچي ويا آهن، جتي دنيا جي مختلف ملڪن جا چونڊ ۽ تجربيڪار پهلوان به ميدان ۾ لٿل آهن ذريعن موجب ٻنهي سنڌي پهلوانن جي جاپان پهچڻ تي مقابلي جي انتظاميا طرفان سندن پرتپاک آجيان ڪئي وئي، جڏهن ته کين ٽريننگ سيشنز ۾ شامل ڪري مقابلي جي قاعدن ۽ فني گهرجن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي آهي۔ ٻنهي رانديگرن مقابلي ۾ ڀرپور ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي۔قربان هوٿيپوٽو ۽ منٺار بگٽي سنڌ جي روايتي ملھ راند ۾ پنهنجي طاقت، مهارت ۽ بهادري سبب سڃاتا وڃن ٿا ۽ ڪيترن ئي علائقائي ۽ صوبائي مقابلن ۾ ڪاميابيون ماڻي چڪا آهن  چيو پيو وڃي ته  سومو، جيڪا جاپان جي قديم ۽ ثقافتي حيثيت رکندڙ راند آهي، ۾ نه رڳو جسماني قوت پر توازن، حڪمت عملي ۽ ذهني تياري پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا۔ اهڙي مقابلي ۾ سنڌي پهلوانن جي شرڪت سان کين عالمي اندازِ راند سان هم آهنگ ٿيڻ جو موقعو ملندو، جيڪو سندن مستقبل لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو۔واضح رهي ته اهڙين عالمي مقابلن ۾ شرڪت سان نه رڳو رانديگرن جي فني صلاحيتن ۾ واڌارو ٿيندو آهي، پر سنڌ جي روايتي راند ملھ کي به عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ ۾ مدد ملندي، جيڪا مستقبل ۾ وڌيڪ رانديگرن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري سگهي ٿي۔