قاضي احمد: خوني ٽرالر اٺ گاڏي سان ٽڪرائجي ويو: اٺ رتورت

قاضي احمد: خوني ٽرالر اٺ گاڏي سان ٽڪرائجي ويو: اٺ رتورت

قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد ۾ باءِ پاس تي خوني ٽرالر ڪمند سان ڀريل اٺ گاڏي سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ اٺ جي ٽنگ ڪٽجي وئي، اٺ رت ۾  ڳاڙھو ٿي ويو، هوڏانهن اٺ جي مالڪ جو چوڻ ھو ته سڪرنڊ شگر مل ڏانھن ڪمند کڻي وڃي رھيو ھئس ته ٽرالر ٽڪر ھنيو. جنھن سبب اٺ جي ٽنگ ڀڄي پئي آھي. مسڪين پورھيت آھيان، انصاف ڪيو وڃي، حادثي بعد ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو.
 

ساسي سان پاپ: ڪلوئي ويجهو ظالمن اُٺ کي ڪهاڙيون وهائي ڪڍيون، زخمي

شادي لارج (ن پ ا) شادي لارج ويجھو ڪلوئي جي ڳوٺ ڄار پتڻ ۾ ظالمن اٺ کي ڪھاڙين سان حملو ڪريزخمي ڪري ڇڏيو گگدام جون اٺ جون رڙيون۔ساڃاھ وندن پاران قانون کي حرڪت ۾ آڻي ظالمن کي ڪيفردار تائين پھچائڻ جو مطالبو۔شادي لارج ويجھو ڪلوئي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڄار پتڻ ۾ ھڪ بي زبان گگدام اٺ کي ظالمن سڌيون ڪھاڙيون ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو، بي زبان جانور سخت تڪليف سبب رڙيون ڪندو رھيو، زخمي اٺ جو مالڪ پورھيت اسحاق لنڊ صحافين کي ٻڌايو ته سندس اھو ئي اُٺ روزگار جو واحد ذريعو هو جنھن تي هو محنت مزدوري ڪري پنھنجي گھر جو گاڏو ھلائي گذر سفر ڪندو هو پر بااثر ظالم جوابدارن بنا ڪنھن ڏوھ جي ظلم جو انتھا ڪري اُٺ کي ڪھاڙين جا وار ڪيا اُٺ سخت زخمي ٿي پيو آھي سور ۽ سخت تڪليف سبب اٺ رڙيون ڪري رھيو آھي اھڙي بيدردي بعد متاثر پورھيت اسحاق لنڊ ڪلوئي ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام رسول جنجھ سان رابطو ڪري انصاف لاءِ فرياد ڪيو آهي ساڃاھ وندن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته بي رحم جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪندي کين قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي جيئن گگدام جانور سان ٿيندڙ ظلمن جو ازالو ٿي سگھي.