قاضي احمد: خوني ٽرالر 2 ٿري پورهيتن کي چيڀاٽي ڇڏيو

قاضي احمد: خوني ٽرالر 2 ٿري پورهيتن کي چيڀاٽي ڇڏيو

قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ خوني ٽرالر 2 ٿري پورهيتن کي چيڀاٽي ڇڏيو، ان ڏس ۾ قاضي احمد ويجھو  مشائخ اسٽاپ ڀرسان ڪراچي کان پنجاب ويندڙ تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، حادثي جي نتيجي ۾ نگر پارڪر واسين ڪونڀو ڪولھي ۽ سروڻ ڪولھي دم ڏنو، پوليس فوتين جا لاش قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيا، جڏھن ته ٽرالر ڊائيور فرار ٿي ويو، پوليس  خوني ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو