قاضي احمد: شاگردياڻين جي بس تي پٿراءُ، نياڻين ۾ خوف هراس
مَي 14, 2025
قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ مير محمد جوڻو وٽ نوابشاهه لنڪ روڊ تي بينظير گرلز پبلڪ اسڪول ڏانهن شاگردياڻيون کڻي ويندڙ پوائنٽ بس تي اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوارن بس اڳيان اچي پٿرن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ بس جو شيشو ڀڄي پيو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا، واقعي بعد شاگردياڻين ۾ خوف هراس ڇانئجي ويو ۽ خوف سبب شاگردياڻيون اسڪول وڃڻ بدران بس مان لهي پنهنجن گهرن ڏانهن هليون ويون، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو.