قاضي احمد: لاهور ويندڙ ٽرالر ڪلٽي: 150 ٻڪريون ۽ رڍون مري ويون: لکن جو نقصان  

قاضي احمد: لاهور ويندڙ ٽرالر ڪلٽي: 150 ٻڪريون ۽ رڍون مري ويون: لکن جو نقصان  

قاضي احمد (رپورٽ: الهه رکيو سيال) قاضي احمد  ڀرسان جھلو مسجد اسٽاپ وٽ نيشنل هاءِ وي تي واقع ٽول پلازا وٽ نوابشاھ کان لاهور  ويندڙ 150 رڍن ۽ ٻڪرين سان ڀريل  ٽرالر ڪلٽي ٿي پيو، جنهن سبب 150 رڍون ۽ ٻڪريون چيڀاٽجي مري ويون، واپاري عبدالوحيد رند ٻڌايو ته نوابشاهه مان رڍن ۽ ٻڪرين جو ٽرالر ڀري لاهور وڃي رهيا هئاسين، قاضي احمد ٽول پلازا وٽ موٽر وي پوليس چالان لاءِ ٽرالر کي روڪيو،  انهي دوران ٽرالر ڪلٽي ٿي پيو، هن الزام هنيو ته موٽر وي پوليس جي نااهلي سبب ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي، سندس نقصان  جو ازالو ڪيو وڃي.