قاضي احمد لڳ جتوئي ڌرين ۾ جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب همراهه قتل، هاري اغوا بعد بازياب

مارچ 27, 2025

قاضي احمد (رپورٽ: الهه رکيو سيال) قاضي احمد لڳ جتوئي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ ۾ همراهه قتل، مخالفن جو هاري اغوا، پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب لاکاٽ ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڏيڊ سال کان ھلندڙ خوني تڪرار ٻيھر ڪر کنيو، ڪالهه ڌرين ۾ جھيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ لاکاٽ واسي پنجن ٻارن جو پيءُ 45 سالا متارو جتوئي قتل ٿي ويو، جڏهن ته جهيڙي دوران هڪ ڌر جي هٿياربندن نواب شاهه واسي نبن چانڊيو کي سخت مارڪٽ ڪري رسن سان ٻڌي مبينا اغوا ڪري ورتو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، اطلاع بعد ايس ايس پي شبير سيٺار پوليس اٽالن سان واقعي واري ھنڌ پھچي مارجي ويل ڳوٺاڻي جو لاش قاضي احمد تعلقا اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته پوليس ڪارروائي ڪري ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل هاري نبن چانڊيو کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، مقتول متارو جتوئي جي وارث غلام نبي جتوئي واقعي بابت ٻڌايو ته يوسف جتوئي، ملنگ جتوئي، حسين جتوئي، مٺو جتوئي ۽ گل محمد سميت ٻين همراهه کي قتل ڪيو، اغوا جو الزام ڪوڙو آھي،  ڳوٺ لاکاٽ واسي عجيب ٻڌايو ته دلدار، سڪندر ۽ ٻين  گذريل سال گاجي شاھ جي ميلي ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان منهنجي چاچي وزير جتوئي کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو، بعد ۾ اسان جي زمينن ۽ گھرن تي حملا ڪيا، ڪالهه وري اسان جي زرعي زمين تي حملو ڪري اسان جي ھاري نبن چانڊيو کي اغوا ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

 

Leave A Comment