قاضي احمد(رپورٽ: الهه رکيو سيال) قاضي احمد مان اغوا ٿيل شاگردياڻي کي پوليس ڪراچي مان هٿ ڪري ورتو، نينگري جي بازيابي ۾ بااثرن جو ڪردار سامهون اچي ويو
ڳوٺ ھوتجو واھڻ مان 18 ڏينھن اڳ 13 ورهين جي شاگردياڻي ثنا بي بي کي پوليس ڪراچي مان ھٿ ڪري ورتو آھي
نينگري کي نجي اسڪول جي ماستر حنيف کوسو مبينا طور اغوا ڪرڻ بعد عدالتي پيار جي پرڻي جي دعوا ڪئي هئي پر سندس وارثن نينگري جي عمر 13 سال ڄاڻائي عمر جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو هو
هوڏانهن نينگري جي مبينا اغوا واري واقعي بعد جي ڊبليو سي، سياسي، سماجي ۽ سول سوسائٽي توڙي وارثن پاران احتجاج ڪيو ويو
ان حوالي سان ڄاڻايو پيو وڃي ته اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري ۽ پ پ پ ايم پي اي سردار خان محمد ڏاهري آئي جي پوليس سنڌ سان رابطو ڪري نينگري جي بازيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو چيو هو
ڄاڻايو پيو وڃي ته ڪراچي مان پوليس ڪارروائي دوران هٿ ڪيل ثنا بي بي کي نوابشاھه وومين پوليس ٿاڻي تي آندو پيو وڃي جنهن بعد کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو