قاضي احمد: ميلي تان موٽندڙ ڦٽي رڪشا روهڙي ڪئنال ۾ ڪري پيو: 2 ٻالڪ فوت: 10 بچي ويا

قاضي احمد: ميلي تان موٽندڙ ڦٽي رڪشا روهڙي ڪئنال ۾ ڪري پيو: 2 ٻالڪ فوت: 10 بچي ويا

قاضي احمد/ شاھپورجهانيان/ جمال شاهه(نمائندن وٽان) قاضي احمد   ڀرسان 34  هزار موري وٽ درگاهه پير شهمير جيلاني جي ميلي تان موٽندڙ ڦٽي رڪشا روهڙي ڪئنال ۾ ڪري پيو، حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڇٽل خاصخيلي جا رهواسي 2 معصوم سوٽ  10 ورهين جو معصوم فرحان خاصخيلي ۽ 12 ورهين جو مهراڻ خاصخيلي ٻڏي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 پانڌيئڙن ٽپا ڏئي جانيون بچائي ورتيون. ٻنهي ٻارن جا لاش پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن فوتي ٻارن جي سوٽ جان محمد خاصخيلي ٻڌايو ته ڳوٺ جي ٻارن سان ڀريل ڦٽي رڪشا ميلي تي ويل ھو، واپسي تي دورو فال موري وٽ روھڙي ڪئنال ۾ ڪلٽي ٿي پيو، ٻئي معصوم  ٻارڙا پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻيا ٻاهر ڪرڻ سبب معجزانه طور بچي ويا،