قاضي احمد ( ن پ و) قاضي احمد جي نوجوان صابر گبول جي مائٽن کي ڌاڙيلن فون ڪري 40 لک رپيا ڀنگ گهري ورتو جنهن کانپوءِ اهي پريشان ٿي ويا آهن
ڳوٺ عرس گبول جو رھواسي صابر گبول ڪجهه ڏينهن اڳ پني عاقل پهتو هو جتان هن کي اغوا ڪري شڪارپور جي ڪچي ۾ رکيو ويو آهي
نوجوان جي مائٽن چيو آهي ته صابر کي اغوا ڪندڙن فون ڪري بازيابي لاءِ 40 لک ڀنگ گهريو آهي، اسان غريب آهيون، وس وارا نوجوان جي بازيابي لاءِ مدد ڪن
نواب ولي محمد پوليس جو چوڻ اهي ته صابر کي پني عاقل مان اغوا ڪيو ويو آهي هن وقت هن جي موجودگي جي لوڪيشن شڪارپور جي ڪچي وارو علائقو آهي جنهن جي بازيابي لاءِ ڪُششون جاري آهن