| قاضي احمد واسي آخري سيلفي وٺي سنڌو ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو |
قاضي احمد/ سڪرنڊ (نمائندن وٽان) قاضي احمد لڳ ڳوٺ مڏ واسي 30 ورھين جي فھيم جوڻيجو سنڌو درياءُ مٿان اڏيل آمري پل تان ٽپو ڏئي آپگھات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي نوجوان جي وارثن توڙي امدادي ٽيمن پھچي لاش جي ڳولا ڪئي، هوڏانهن نوجوان فھيم جوڻيجو جي مامي صديق جوڻيجو ٻڌايو ته منھنجي ڀاڻج آمري پل تي پھچي موبائل فون تي آخري سيلفي ٺاھي موبائل رکي درياءُ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، هن چيو ته فهيم پاران آپگھات جي ڪارڻ جو پتو ناهي ته هن ڪھڙي سبب ايڏو وڏو قدم کنيو؟ هن چيو ته فهيم جي شادي ٿيل هئي، کيس هڪ نياڻي جو اولاد هو. هوڏانهن فهيم جي ماسات دلدار جوڻيجو ٻڌايو ته اسان گڏجي ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاھي رھياسين ، انهي دوران فھيم پل تي چڙھي چيو ته ھاڻ ھلون ٿا، اهي چئي هن درياھ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، واضح رهي ته فهيم جي شادي ٿيل هئي، کيس هڪ نياڻي جو اولاد هو.