قاضي احمد واسي 3 مغوي آزاد نه ٿيا، ڌاڙيلن پاران ڀنگ طلب، وارث پريشان
جُولاءِ 16, 2023
قاضي احمد ( رپورٽر) قاضي احمد واسي ٽن مغوين کي پوليس آزاد نه ڪرائي سگهي آهي، ٽنهي مغوين جي گهرن ۾ پريشاني واري صورتحال آهي
38 ڏينهن اڳ ڳوٺ عرس گبول مان نوجوان صابر گبول عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي شڪارپور ڪچي جي علائقي ۾ پهتو هو، ڌاڙيلن پاران مغوي جي بازيابي لاءِ وارثن کان 40 لک رپيا ڀنگُ گهريو هو، ڀنگُ جي رقم ادا نه ڪرڻ سبب ڌاڙيلن ٻيھر فون تي مغوي جو وارثن سان رابطو ڪرائڻ بند ڪري ڇڏيو
ڪراچي کان سکر ڏانهن بسڪيٽ کڻي ويندڙ ٽرالر ڊائيور صدام حسين ابڙو دولتپور ويجهو ٽرالر سوڌو گم ڄاڻايو ويو هو بعد ٽرالر مليو هو پر صدام جو ڪو ڏس پتو نه مليو آهي، وارثن صدام جي غوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي
قاضي احمد جي ڳوٺ جادو جوڻو مان چوپائي مال جو واپاري 40 ورهين جو ھدايت الله ڪنڀر 10 ڏينهن کان پراسرار نموني گم آھي، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آھي
ٽنھي مغوين جي گهرن ۾ پريشاني واري صورتحال آهي، وارثن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته ٽنهي مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي