قاضي احمد( ن پ ا) فاريسٽ کاتي جي آفيسرن چيو آهي ته لاکاٽ ويجهو ٻيلي کاتي جي زمين تي باثر جي ڪمدار قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن
قاضي احمد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي لاکاٽ جي فاريسٽ انچارج الھوسايو جمالي ۽ ٻيلي ڪوٽ ڌڱاڻي جي فاريسٽ انچارج اصغر چانڊيو ٻڌايو ته لاکاٽ ٻيلي جي چونڪڙي نمبر 21 ۾ بااثر سياسي ڌر ٻڍل شاھ جو ڪمدار سڏائيندڙ يوسف درس ھٿيارن جي زور تي سرڪاري زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي
هنن چيو ته هٿياربند اسان کي ٻيلي ۾ اچڻ نٿا ڏين ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن بااثرن خلاف لاکاٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آھي پر پوليس ھڪ جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آھي
ٻيلي کاتي جي آفيسرن مطالبو ڪيو سرڪار زمين تي زبردستي وڻ وڍرائي قبضو ڪندڙ بااثر ماڻھن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي