قاضي احمد ويجهو ڪار جو ٻن موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، 2 ڄڻا اجل جو شڪار، ڊرائيور گرفتار
جنوري 2, 2025
قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ويجهو ڪار جو ٻن موٽسائيڪلن کي ٽڪر، 2 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪار ڊرائيور گرفتار، خبر موجب نواب ولي محمد اسٽاپ تي ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ تيز رفتار ڪار روڊ ڪراس ڪندڙ ٻن موٽر سائيڪلن کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ لونگ خان سومرو واسي 30 سالا وسيم سومرو ۽ ڳوٺ حاجي رمضان گائينچو واسي امتياز گائنچو ٿڏي تي فوت ٿي ويا، اھڙي اطلاع تي پوليس حادثي واري ھنڌ پهچي ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي، جڏهن ته فوتين جا لاش ايمبولنس ذريعي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻنهي فوتي نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.