قاضي احمد ٽائون چيئرمين لاءِ ڄام آفتاب ۽ ڄام چنگيز خواهشمند
مَي 15, 2023
قاضي احمد ( ن پ ا ) ٽائون ڪميٽي قاضي احمد جي چيئرمين توڙي وائيس چيئرمين واري سيٽ جي ڍوڙ ۾ 6 اميدوار شامل آھن پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ٽائون چيئرمين شپ لاء اڳوڻي ٽائون چيئرمين ڄام آفتاب علي انڙ ,اڳوڻي ضلع ڪائونسل ميمبر ۽ ھاڻوڪي ٽائون ميمبر ڄام چنگيز خان انڙ جڏھن ته وائيس چيئرمين لاء اڳوڻي وائيس چيئرمين خان محمد لاکو ,انجنيئر غفار جتوئي ,پير ظاھر شاھ ۽ قربان لاشاري وائيس چيئرمين سيٽ حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ شامل آھن لوڪل گورنمينٽ جي چونڊن دوران ٽائون ڪميٽي قاضي احمد جي ستن ئي وارڊن تي پ پ سان تعلق رکندڙ ميمبر ڪامياب ٿيا ھئا ھاڻ فصيلو پارٽي کي ئي ڪرڻو آھي ته ڪنهن کي ٿي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين مقرر ڪري جڏھن ته اميدوارن پاران ڊڪ ڍوڙ تيز ڪري ڇڏي آھي