قاضي احمد: پراڻي تڪرار تان نوجوان گوليون هڻي قتل

قاضي احمد: پراڻي تڪرار تان نوجوان گوليون هڻي قتل

قاضي احمد(ن پ ا) قاضي احمد لڳ پراڻي تڪرار تان نوجوان گوليون هڻي قتل، ان ڏس ۾ ڳوٺ حصو کوسو ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ تڪرار ٻيھر ڀڙڪي پيو، هٿياربندن زمين تي ڪم ڪندڙ 22 سالن جي شھباز کوسو کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب شھباز کوسو ڏيڍ مھينو اڳ نوابشاھه جيل مان ضمانت تي آزاد ٿي گھر پھتل ھو، قتل واري واقعي بعد جهيڙيندڙ ڌرين پاران هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي، پوليس موجب ڪجهه وقت اڳ ٻن ڀائرن راشد کوسو ۽ ذوالفقار کوسو کي هٿياربندن گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو ھو، جنهن جي پلاند ۾ شھباز کوسو کي قتل ڪيو ويو آھي