قاضي احمد ڀرسان نوجوان دوست کي قتل ڪرڻ بعد اڌڙوٽ جوابدار پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

قاضي احمد ڀرسان نوجوان دوست کي قتل ڪرڻ بعد اڌڙوٽ جوابدار پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

قاضي احمد (رپورٽ: الهه رکيو سيال)قاضي احمد ڀرسان دوست کي قتل ڪرڻ بعد جوابدار پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو،  ان ڏس ۾ قاضي احمد لڳ پير شاھ موري وٽ اٽي جي چڪي تي ويٺل 25 ورھين جي عظيم آرائين مٿان سندس دوست غلام حسين لاشاري پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واردات بعد اڌڙوٽ جوابدار پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، واقعي بعد پوليس پھچي پوسٽ مارٽم بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيا، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، پوليس ذريعن موجب  مقتول ۽ قاتل پاڻ ۾گھاٽا دوست ھئا، سعودي عرب ۾ ڳچ عرصو گڏ ڪم ڪندا رهيا،  غلام حسين لاشاري پنھنجي دوست عظيم آرائين مٿان انهي ڳالهه تي ناراض هو ته سندس اٽي جي چڪي تي غير واسطيدار ماڻهو  ڇو ٿا اچن؟ اها ڳالهه غلام حسين برداشت نه ڪري سگھيو، هوڏانهن مقتول عظيم جي ڀاءُ عليم آرائين ٻڌايو ته غلام حسين لاشاري ۽ اعجاز لاشاري سندس ڀاءَ کي قتل ڪيو، بعد ۾ غلام حسين لاشاري پاڻ کي گولي هنئي، هوڏانهن پوليس موجب ته قتل واري واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، واقعي ۾ ڪو ٻيو جوابدار ملوث ھوندو ته کيس گرفتار ڪيو ويندو.