قاضي احمد: چيئرمين سيٽ تان انڙ خاندان ورهائجي ويو، ڄام چنگيز ۽ آفتاب آمهون سامهون

جُون 6, 2023

قاضي احمد ( ن پ و) قاضي احمد ٽائون ڪميٽي تي پ پ پاران چنگيز خان کي چيئرمين نامزد ڪرڻ تي آفتاب انڙ پارٽي جو فيصلو  مڃڻ کان انڪار ڪندي چمگيز انڙ سامهون چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

پ پ طرفان ٽائون ڪميٽي قاضي احمد جي چيئرمين لاءِِ اڳوڻي ايم پي اي سردار ڄام تماچي انڙ جي ڀائٽئي ڄام چنگيز خان انڙ کي نامزد ڪرڻ واري فيصلي کي آفتاب انڙ  مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي

ٽائون چيئرمين جي معاملي تان انڙ خاندان ۾ شديد اختلاف سامھون اچي ويا آھن، ڄام چنگيز جي نامزدگي تي اڳوڻي ٽائون چيئرمين آفتاب انڙ سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي

ڄام آفتاب علي انڙ پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي پارٽي سان ڪو به اختلاف يا ناراضگي ناهي اسان جي خاندان سموري زندگي  پ پ پ سان گڏ رھي آھي ۽ گڏ رھنداسين ڪنهن به فيصلي تي اختلاف رکڻ جهموري حق آھي

هن چيو ته ٽائون چيئرمين جي اعلانيل نالي تي اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو جنهن سبب اسان جي خاندان کي شديد ناراضگي آھي  منهنجي فيملي مان هڪ شخص کي اوچتو سامهون آندو ويو جيڪا پارٽي خلاف سازش سمجهون ٿا ڄام چنگيز انڙ  تي سخت اعتراض آھي اهو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ۽ هن جو مقابلو ڪندس

Leave A Comment