قاضي احمد/شڪارپور (پنهنجي ڊيسڪ) قاضي احمد جي جوڻا موري ڀرسان نوجوان مبينا طور اغوا، وارثن نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي
نوجوان جي والد عمر لاڙڪ جو چوڻ آهي ته هٿياربند جوڻا موري وٽ ڪار روڪي ڦرلٽ ڪرڻ بعد پٽ سومر لاڙڪ کي اغوا ڪري ويا
هوڏانهن شڪارپور ويجهو گئس اسٽيشن تي ستل ملازم مبينا طور اغوا ٿي ويو، وارثن پاران خان محمد کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي
وارثن موجب ڳوٺ ٻورڙي سيٺار واسي خان محمد سيٺار گئس اسٽيشن تي سُتل هو ته هٿياربند کيس اغوا ڪري ويا