قاضي احمد ۾ امتحان ڏيندڙ شاگرد گرمي سبب بيهوش

مَي 23, 2023

قاضي احمد( ن پ ا) شهيد بينظير آباد تعلمي بورڊ جي انتظام هيٺ يارهين ۽ ٻارهين درجي جا امتحان هلندڙ آهن، قاضي احمد ۾ پيپر ڏيندي شاگرد بيهوش ٿي ويو

قاضي احمد ۾ پيپر ڏيڻ دوران سخت گرمي دوران بجلي بند هجڻ سبب انٽر جو  شاگرد خالد زرداري گرمي لڳڻ جي نتيجي ۾ بيھوش ٿي ويو

بيهوش ٿيل شاگرد کي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي ان کانسواءِ سخت گمي ۾ بجلي بند هجڻ سبب امتحان ڏيندڙ شاگرد سخت ڏکيائين جي ور چڙهيل آهن

شاگردن جي والدين اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته امتحان دوران لوڊشيڊنگ ختم ڪرائي وڃي ته جيئن ٻارڙا سولائي سان امتحان ڏئي سگهن

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ