قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا لاپرواهي ماءُ سميت ٻن ٻارڙن کان حياتيون کسي ورتيون، ڊاڪٽر ۽ عملو اسپتال ڇڏي فرار ٿي ويو
ارباب زادي کي ويم لاءِ خانگي اسپتال آندو ويو جتي هن ٻن ٻارڙن کي جنم ڏنو انهن سميت ئي فوت ٿي وئي جنهن خلاف ناري جي مائٽن احتجا ج ڪيو
فوت ٿي ويل ارباب زادي جي مائٽن جو تاءُ ڏسي ڊاڪٽر ۽ عملو اسپتال ڇڏي فرار ٿي ويا
ناري جي مائٽن ڪريم بخش گھلو جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو ته ڊاڪٽرن جي غلط آپريشن ۽ غفلت سبب عورت ۽ ٻه ٻار فوت ٿيا آھن ڊاڪٽرن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي
رابطو ڪرڻ تي اسپتال انتظاميا ٻڌايو ته عورت جو آپريشن درست ڪيو ويو هو هن کي وارڊ ۾ شفٽ ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏي