قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ ماڊل وليج جي ديهه ترڇي جي 7 ايڪڙ ايراضي زمين جي تڪرار توڙي گھرن تي بُري نظر رکڻ واري معاملي تي ملاح ۽ مھر برادري
جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ تڪرار جي نبيري لاءِ ڳوٺ گھرام مري ۾ مري ھائوس تي يوسي چيئرمين بھار خان مري ۽ غلام نبي مري جي سرپئنچي ھيٺ نبيرو ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻو ڊي آءِ جي ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي، علي بخش ملاح، شاهه محمد شاهه، نياز احمد جتوئي، حاجي رضا محمد مھر، صالح محمد شاهه، رياض حسين زرداري ۽ ملنگ جتوئي امين طور شرڪت ڪئي
جرڳي دوران ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد مھر برادري جي پنھل مھر کي ملاح برادري جي گهرن کي بري نظر سان ڏسڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مٿس 15 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. ٻئي طرف مھر برادري جي پنهل مهر پاران ملاح برادري کان معقاطي طور ورتل 7 ايڪڙ زمين پڻ ملاح برادري کي واپس ڪندو
جنهن بعد زمين واپس ٿيڻ تي ملاح برادري مھر برادري کي ٽن قسطن ۾ 91 لک رپيا واپس ڪندا جنهن مان مهر برادري مٿان پيل 15 لک رپين جي ڏنڊ جي رقم ڪٽي باڪي 76 لک لک رپيا ادا ڪندا. فيصلي بعد ٻئي ڌريون ڀاڪر پائي ڌريون کير کنڊ ٿي ويو